حربه نيزو

حربه/ نيزو: حربه يا نيزو جنگ جو هٿيار آهي. هي نيزو، جنگ ۾ ڪنهن لشڪر جي سپهه سالار جو نشان يا ڪنهن قبيلي جي شيخ جو نشان هوندو آهي. چيو وڃي ٿو ته فرعون جي لشڪر جي سردار هامان جي هٿ ۾ حربو هو. هڪ روايت اها به آهي ته: ”نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ڏانهن حبشه کان هڪ حربو تحفي طور آيو هو.“ ڪربلا جي جنگ ۾ امام حسن عه ۽ ٻين جا سر قلم ڪري نيزن تي گهمايا ويا هئا. موجوده دور ۾ هيءُ هٿيار حبش جي ماڻهن جي مذهبي رسمن دوران استعمال ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو